نيويارڪ – 19 ڊسمبر (اي پي پي) ڀارت ۽ پاڪستان ۾ گڏيل قو??ن جي ملٽري آبزرور گروپ (يو اين ايم او جي آءِ پي) جي نئين مقرر ٿيل سربراهه ميجر جنرل رامون گارڊ ڊوسانچيز گڏيل قو??ن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم سان نيويارڪ ۾ عالمي اداري ۾ پاڪستان مشن ۾ ملاقات ڪئي. يو اين ايم او جي آءِ پي جي سربراهه پنهنجي نئين ذميواري سنڀالڻ لاءِ پاڪستان روانگي کان اڳ پاڪستاني نمائندي سان ملاقات ڪئي ۽ پنهنجي گروپ جي مينڊيٽ سان گڏو گڏ ٻين لاجسٽڪ ۽ آپريشنل تفصيلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. يو اين ايم او جي آءِ پي گڏيل قو??ن جي قديم ترين مشنز مان هڪ ??هي جيڪو جنوري 1949ع ۾ رياست ??مو?? ڪشمير ۾ ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ جنگ بندي جي نگراني لاءِ مقرر ڪيو ويو هو. راولپنڊي ۾ قائم اهو گروپ 44 فوجي مبصرن ۽ 75 عالمي سويلين اهلڪارن تي ٻڌل آهي. پاڪستاني نمائندي منير اڪرم يو اين ايم او جي آءِ پي جي سربراهه طور مقرري تي ميڪسيڪو سان تعلق رکندڙ ميجر جنرل رامون گارڊ ڊوسانچيز لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
گڏيل قومن جي ملٽري آبزرور گروپ جي نئين مقرر ٿيل سربراهه پاران پاڪستاني سفير منير اڪرم سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : وائکنگز گو برزرک