بيجنگ – 26 – جولائي (اي پ?? پي) چين جي گانسو اڪيڊمي آف ايگريڪلچرل سائنس (جي اي اي ايس) جي ڪراپ ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي محقق پروفيسر زائو وئي چيو آهي ت?? پاڪستان ۾ السي جي ??صل جي في هيڪٽر سراسري پ??داوار 692 ڪلوگرام آهي جيڪا تمام گهڻي گهٽ آهي، ان ڪري پاڪستان جي آبهوا ۽ مٽيءَ جي حالتن لاءِ موزون ٻجن جي قسمن کي جلد کان جلد پوکڻ وڏي اهميت رکي ٿو، جڏهن ته سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي سوائل سائنس ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين ڊاڪٽر اي ڊبليو گانداهيءَ چيو آهي ت?? زرعي ٽيڪنالاجي جي ذريعي السي جي ??صل جي آبادگارن کي بااختيار بڻائڻ اسان جي رڳو هڪ شروعات آهي، اسان جي تعاون وارو منصوبو روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ، واپار کي وڌائڻ ۽ السي جي ??صل جي ويليو چين جي مجموعي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائي ٻنهي طرفن جي معاشي ترقي ۾ مدد ڪري سگهي ٿو. چين جي گانسو اڪيڊمي آف ايگريڪلچرل سائنس (GAAS) جي ڪراپ ريسرچ انسٽيٽيوٽ ۾ السي جي ??صل بابت منعقد ٿيل هڪ سيمينار ۾ خطاب ڪندي سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي پروفيسر ڊاڪٽر گانداهيءَ چيو ته پاڪستان تيل جي پ??داوار وڌائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيو آهي. نيشنل آئل سيڊ بابت پهرين جامع پاليسي تجويز ڪئي وئي آهي ت?? جيئن کاڄرو تيل جي پ??داوار کي وڌايو وڃي ۽ درآمدات تي ڀاڙڻ کي گهٽايو وڃي ۽ ان سان گڏ تيل جي ٻج پوکيندڙن جي منافعي کي بهتر بڻايو وڃي، هن وقت تائين سنڌ ۽ پنجاب پاڪستان ۾ السيءَ جو ??صل پوکيندڙ وڏا صوبا آهن، جن جي ايراضي 53 ۽ 47 سيڪڙو آهي، تنهن هوندي به گذريل پندرهن سالن کان السيءَ جي ??صل هيٺ ايراضي (9000-9500 هيڪٽر) تائين محدود رهي آهي، پروفيسر گانداهيءَ چيو ته اهڙي اهم نقدي ??صل جي ايراضي ۽ پيداوار کي وڌائڻ جي ت??ام گهڻ ضرورت آهي. جڏهن ته پاڪستان ۾ السي پ??کيندڙ آبادگارن کي ڪيتريُون ئي رڪاوٽُون درپيش آهن جنهن ۾ ??صل جي گهٽ قيمت، آبپاشي جي پاڻي جي کوٽ، معياري ٻج جي کوٽ ۽ سڀ کان وڏي رڪاوٽ ??وس??ياتي تبديلي آهي، پروفيسر گانداهيءَ چيو ته مجموعي طور تي انهن چيلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت، تحقيقي ادارن ۽ خانگي شعبي جي گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي ت?? جيئن آبادگارن کي فني مدد، ٻج جا بهتر قسم ۽ تربيت فراهم ڪري سگهجي، هِن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ زرعي تعاون کي ڪڏهن به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، هِن ان ڳالهه تي زور ڏيندي چيو ته جيئن ته چين سڀ کان وڌيڪ زرعي شيُون پيدا ڪندڙ ۽ پوک لاءِ جديد ٽيڪنالاجي مهيا ڪندڙ ملڪ آهي، اُن لاءِ چين جديد ٽيڪنالاجي سان ڀرپُور پائيدار ٻج، آبپاشي ۽ مشينري وسيلي پاڪستاني هارين کي جديد ٽيڪنالاجي سان سهڪار ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته دنيا جو سڀ کان وڏو صارف هجڻ جي ڪري، چين وڌيڪ موقعا ونڊي سگهي ٿو، جنهن جي ذري??ي پاڪستاني آبادگار پنهنجي برآمدات کي وڌائي سگهن ٿا، ان سان آمدني بهتر ٿي سگهي ٿي ۽ پاڪستان ۾ ويليو چين جي واڌ ۾ پنهنجو حصو وجهي سگهن ٿا. هِن چيو ته سڀني ڳالهين کان هٽي ڪري سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۽ گانسو اڪيڊمي آف ايگريڪلچرل سائنسز جي وچ ۾ تعاون پاڪستاني ۽ چيني آبادگارن، محققن ۽ ماهرن جي وچ ۾ ڄاڻ ۽ صلاحيتن جي مٽاسٽا کي آسان بڻائي سگهي ٿو. گڏيل تحقيق ۽ ترقي جي ذريعي ٻنهي ملڪن ۾ السي جي ??صل جي آبادگارن کي درپيش چيلينجز کي آهستي آهستي حل ڪري سگهبو، جڏهن ته ساڳئي ڏينهن تي چين- پاڪستان فلڪس ريسرچ اينڊ انوويشن مرڪز جي افتتاحي ت??ريب پڻ منعقد ڪئي وئي. جڏهن ته اهو به معلوم ٿئي ٿو ته GAAS جي السي جي نئين قسم لونگيا سيريز کي اتر اولهه چين ۾ ٿوري برسات جي ڪري خشڪ ??وس?? جي حالتن مُوجب چونڊيو ويو آهي، جنهن جي پ??ک جي تجربن مان ثابت ٿيو آهي ت?? ان قسم جي پ??داوار مقامي قسمن جي ڀيٽ ۾ 10 سيڪڙو وڌيڪ آهي ۽ بيمارين ۽ جيتن سان مزاحمت جي سگهه به بهتر آهي.
پاڪستان ۾ السي جي فصل جي في هيڪٽر سراسري پيداوار تمام گهٽ آهي، تعاون وارو منصوبو روزگار جا موقعا پيدا ڪندو: پروفيسر زائو وئي/ڊاڪٽر گانداهيءَ
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات