برسلز -19 مارچ (اي پي پي) يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي جي سربراهه جوزف بوريل چيو آهي، ته اسرائيل غزه جي پٽي ۾ ڏڪار پيدا ڪري رهيو آهي ?? بک کي جنگ جي هٿيار طور استعمال ڪري رهيو آهي. العربيه مطابق هن برسلز ۾ غزه لاءِ انساني ??مداد بابت هڪ ڪانفرنس جي افتتاح جي موقعي تي چيو ته غزه ۾ اسان هاڻي ڏڪار جي ويجهو نه پر ڏڪار جي حالت ۾ آهيون، جنهن ۾ هزارين ماڻهو ڏڪار ۾ مبتلا آهن. هن چيو ته اه?? قبولڻ جوڳو ناهي. ڏڪار کي جنگ جي هٿيار طور استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ اسرائيلي جنگ ڏڪار جو سبب بڻجي رهي آهي. هن چيو ته غزه کي ڏڪار جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي جيڪ?? قبولڻ جوڳو ناهي. هن فوري جنگ بندي جي معاهدي تي زور پڻ ڀريو. واضح رهي ته غزه جي صحت واري وزارت سومر ڏينهن هڪ بيان ۾ چيو هو ته 7 آڪٽوبر کان جاري اسرائيلي جنگ ۾ 31726 کان وڌيڪ فلسطيني ??هيد ٿي چڪا آهن ۽ 73792 زخمي پڻ ٿيا آهن. وزارت وڌيڪ ٻڌايو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران اٽڪل 81 فلسطيني ??هيد ۽ 116 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن.
اسرائيل غزه ۾ ڏڪار پکيڙي بک کي هٿيار طور استعمال ڪري رهيو آهي: جوزف بوريل
مضمون کا ماخذ : پاور بال کا ٹکٹ