ماسڪو/ ڪيف-04جنوري (اي پي پي) گڏيل عرب ام??راتن جي ٽياڪڙي ۾ روس ۽ يوڪرين وچ ۾ 448 فوجين جي مٽا سٽا ڪئي وئي. ميڊيا رپورٽن موجب روس جي دفاع واري وزارت جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته 248 روسي فوجين جي آزادي جو اعلان ڪيو ويو، ياد رهي ته يوڪرين سان قيدين جي مٽاسٽا ۾ ڪيترن ئي مهينن ۾ پهريون ڀيرو 248 روسي فوجين کي آزاد ڪيو ويو آهي. روسي فوج بيان ۾ چيو آهي ته مذاڪراتي عمل جي نتيجي ۾ 248 روسي فوجن کي يوڪرين جي حڪومت جي ڪنٽرول واري علائقي مان واپس موڪليو ويو آهي، آزاد ٿيل سمورن روسي فوجن کي ضروري طبي ۽ نفسياتي ام??اد ڏني پئي وڃي روس ج?? هوائي فوج جي ملٽري ٽرانسپورٽ جهاز فوجي اهلڪارن کي دفاع واري وزارت سان لڳاپيل ادارن ۾ طبي علاج لاءِ پهچائيندا. ٻئي پاسي يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي روس مان 200 کان وڌيڪ يوڪريني قيدين جي واپسي جي تصديق ڪئي آهي.
مضمون کا ماخذ : números quina hoje