گڏيل قومون-02 جنوري (اي پي پي) نئين سال جي شروعات تي مظلوم فلسطينين خلاف اسرائيلي جارحيت رڪجي نه سگهجي، سڄي د??يا ۾ نئين سال ج?? جشن رهيا جڏهن ته فلسطيني جنگبندي جي دعائن لاءِ مصروف رهيا. مقامي ص??ت کاتي جي عملدارن مطابق 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي بمباري سبب گهٽ ۾ گهٽ 100 فلسطيني شهيد ۽ 286 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. نئين سال جي شروعات تي فلسطيني پنهنجن پيا??ن جا لاش کڻڻ ۽ زخمين کي طبي مرڪزن ۾ وٺي وڃڻ ۾ مصروف رهيا. هلال احمر طرفان پوسٽ ڪيل هڪ وڊيو ۾ وچ غزه ۾ حملن کان پوءِ افراتفري کي ڏيکاريو ويو آهي جتي امدادي ڪارڪن رات جي اونداهيءَ ۾ باهه جي ڍير مان هڪ زخمي ٻار کي ڪڍڻ ۾ مصروف هئا. غزه جي رهواسين جو چو?? آهي ته اسان وٽ رهڻ لاءِ ڪا جاءِ ناهي، اسان جهازن ۽ ڊرونز جي آوازن جو خاتمو چاهيون ٿا. هوڏانهن اسرائيلي عملدا??ن جو چو?? آهي ته هو غزه ۽ مصر وچ ۾ پوري سرحدي علائقي جو ڪنٽرول حاصل ڪرڻ چاهي ٿو، اهو ان ڳالهه جو اشارو آهي ته غزه ۾ جنگ جي پڄاڻي تمام پري آهي.
سڄي دنيا ۾ نئين سال جا جشن، فلسطيني جنگبندي جي دعائن لاءِ مصروف رهيا
مضمون کا ماخذ : apostas lotofácil